صادق سومرو مولانا

صادق سومرو، مولانا: نامور عالم، مفتي صادق سومري جو پورو نالو محمد صادق ولد حاجي محمد جمن سومرو آهي. سندس حسب نسب رياست ڪڇ (انڊيا) جي شهر مانڊوي (جيڪو بندرگاهه پڻ آهي) جي اڳوڻي راجا صالح سومري سان ملي ٿو. سندس جنم 26 مارچ 1945ع تي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ٿيو. سندس خاندان ديني خدمتن جي حوالي سان اهم حيثيت رکي ٿو. هن ناظره قرآن شريف جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ملا مڪتب مان ورتي، جنهن بعد سنڌ جي مختلف مدرسن، مدرسه باب مدينة العلوم جنهاڻ سومرو، مدرسه تعليم الاسلام ٽنڊو غلام علي، مدرسه مدينةالعلوم ڀينڊو شريف ۽ مدرسه دارالفيوض الهاشميه سجاول کان سواءِ مدرسه راولپنڊيءَ مان درس نظامي مڪمل ڪري، 1973ع ۾ جامعه بنوريه ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان 1974ع ۾ دوره حديث جو امتحان ڏئي فارغ التحصيل ٿيو. هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ مولانا حمادالله هاليجوي جي هٿ تي بيعت ڪئي، جنهن کانپوءِ 1979ع ۾ مولانا نور محمد سجاوليءَ جي هٿ تي چشتي سلسلي جي نظامي شاخ ۾ بيعت ورتي. مولانا نور محمد سجاوليءَ جي وفات بعد 1994ع ۾ قادري سلسلي ۾ نامور عالم مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير واري جي هٿ تي بيعت ڪئي. ڪيترن ئي سالن تائين کانئس ذڪر پڻ وٺندو رهيو. پر تڪميل ۾ ٻه سبق باقي هئا ته مولانا ٻير واري وفات ڪئي. مولانا صادق سومري فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪيترن ئي مدرسن ۾ درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو، جن ۾ مدينة العلوم ڀينڊو شريف، مدرسه محمديه خالد ڪالوني ڪنري، مدرسه دارالقرآن قريشي محلو، ٽنڊو غلام علي ۽ مدرسه تعليم الاسلام ٽنڊو غلام علي قابل ذڪر آهن. ڀينڊي جي مدرسي ۾ پڙهڻ دوران قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر پڻ گڏ پڙهيو هو. جنهن سبب اڳتي هلي 1976ع ڌاري جيئي سنڌ هلچل جي باني جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي، جنهن مٿس گهڻو اثر ڇڏيو ۽ پاڻ سيد جي فڪر سان لاڳاپجي ويو. 1986ع ۾ هم خيال عالمن جو اجلاس گهرائي مدرسو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، جنهن تحت 26 سيپٽمبر 1986ع تي ٽنڊي محمد خان، سجاول روڊ تي ڏتا واهه لڳ مدرسي جامع تعليمات اسلاميه جو بنياد رکيائين، جنهن ۾هن وقت عربي ۽ اسلامي تعليم جو شعبو، حفظ قرآن جو شعبو، تجويد و ناظره قرآن شريف جو شعبو، جديد عصري علم جو شعبو، پرائمري تعليم جو شعبو ۽ سيڪنڊري تعليم جو شعبو ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن شعبي لاءِ مجلس شوريٰ مان منظوري ورتي وئي، جيڪو گهربل سهولتون پوريون ٿيڻ بعد شروع ڪيو ويو. مدرسي ۾ انگريزي نصاب لاڳو ڪرڻ ۽ جي ايم سيد سان نظرياتي وابستگيءَ سبب ڪيترن ئي مولوين سندس سخت مخالفت ڪئي ۽ مٿس دهريو هجڻ جا الزام هنيا. سندس مدرسي جون ڳوٺ مرزو بوزدار، ڳوٺ بجاري شريف، ڳوٺ الياس کوڏيو، ڳوٺ اڪبر پليجو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ شاخون قائم آهن. مولانا محمد صادق، 1987ع کان محمدي جامع مسجد سٽيزن ڪالوني حيدرآباد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندو رهي ٿو ۽ گڏوگڏ درس قرآن جو سلسلو پڻ جاري رکيو اچي. پاڻ تقرير جو ماهر ۽ حديث جي معاملن ۾ تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ آهي. 79-1978ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مذهبي حوالي سان ‘صراط المستقيم ’ نالي سان پروگرام پڻ ڪندو هو. مذهبي حوالي سان کيس لکڻ جو پڻ شوق رهيو آهي. 98-1997ع ۾ عبرت اخبار ذريعي ماڻهن جي سوالن جا جواب، مذهب جي روشنيءَ ۾ تحقيقي ۽ عالماڻي انداز ۾ ڏيندو هو. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ماهوار ‘المدينه’ ڀينڊو شريف، ماهوار ‘شريعت’ سکر ۽ ماهوار ‘نئين زندگي ’ حيدرآباد ۾ شايع ٿيل آهن. اردوءَ ۾ لکيل سيرت جي ڪتاب ‘نبوي ليل و نهار’ جو پڻ سنڌي ترجمو ڪيو اٿس. ان کان سواءِ جنهاڻ سومري جي سومرن جي شجري تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو اٿس. پاڻ 6 ڀيرا حج جي سعادت پڻ حاصل ڪري چڪو آهن. هن وقت وڏي عمر باوجود ديني خدمت جاري رکيو اچي. کيس ستن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد اٿس. سندس مدرسي جي سنڀال سندس پٽ حافظ قاضي ڪليم الله وٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.26  عيسوي

صادق سومري جو جنم 26 مارچ 1945ع تي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
سيد امير محمد شاهه
مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي
شيخ محمد مريد سيوهاڻي
در محمد سڪندري
خادم حسين شاهه نقوي
غلام محمد شاهواڻي
سيد نظر علي شاهه گدائي
مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي
عبدالحليم ڪنڊوي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون